21

اختر مينگل آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ سينيٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙ پارٽي جي ٻنهي سينيٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل سينيٽر نسيمه احسان ۽ سينيٽر قاسم رونجهو کي استعيفائون ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

سماجي رابطي جي پليٽ فارم(ايڪس) تي سردار اختر مينگل لکيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينيٽر نسيمه احسان ۽ سينيٽر قاسم رونجهو کي فوري استعيفيٰ ڏيڻ جو حڪم ڏيون ٿا. جيڪڏهن سڀاڻي تائين استعيفيٰ نه ڏنو ويو ته ٻنهي سينيٽرز کي پارٽي مان نيڪالي ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں