اسلام آباد:صدر آصف علي زرداري جسٽس يحيٰ آفريدي کي بطور چيف جسٽس آف پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي مقرري 26 آڪٽوبر کان 3 سالن لاءِ ڪئي آهي. صدر چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي(3) 177 ۽ 179 جي تحت ڪئي. صدر جسٽس يحيٰ آفريدي کان 26 آڪٽوبر تي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن 12 ججز بابت 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي بطور چيف جسٽس پاڪستان مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف صدر پاڪستان کي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس پاڪستان مقرر ڪرڻ جي سفارش اماڻي هئي.