اسلام آباد: هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ عدالتن آئيني درخواستن جي ٻڌڻي روڪي ڇڏي آهي. سڄي ملڪ جي عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ 40 سيڪڙو درخواستون ايندڙ مهيني آئيني بينچن ڏانهن ٽرانسفر ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۽ پنجن ئي هاءِ ڪورٽس جون آئيني درخواستون، رٽ پٽيشنز جا فيصلا آئيني بينچ ڪندي.
آئيني ترميم کان پوءِ 20 لک کان وڌيڪ ڪيسن جي سائلين کي گهٽ وقت ۾ انصاف جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. ذريعن موجب ضلع، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 20 لک کان وڌيڪ آهي ۽ هن آئيني ترميم جي منظوري عوام کي اها اميد ڏياري آهي ته هاڻ ڪيسن جي فيصلن ۾ تيزي ايندي.
انهي جا 2 سبب آهن ملڪ جي عدليه، ڊسٽرڪٽ عدالتون، هاءِ ڪورٽس، سپريم ڪورٽ ۾ موجود گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو ڪيس ايندڙ هفتي جوڙيل آئيني بينچن ۾ منتقل ٿي ويندا ۽ ٻيو سبب هاءِ ڪورٽ جي ججز جي ڪارڪردگي جو جوڊيشل ڪميشن مختلف وقتن تي جائزو وٺندي. ماڻهن کي جلد انصاف ملڻ لڳندو ڇو ته سوموٽو ڪيس فرمائشي درخواستن ۽ رٽ پٽيشنون جن ۾ وار جي کل لاٿي ويندي آهي انهن ۾ عوام جي دلچسپي نه آهي ۽ نه ئي عوام جي بهتري آهي.
خانداني ورهاست، زمينن جي جهيڙن جا ڪيس ڪيترائي سال گذري وڃڻ باوجود انهن جا اڃان تائين فيصلا نه ٿي سگهيا آهن. 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ سان ملڪ جي عوام کي اميد آهي ته انهي ترميم جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ تيزي ايندي ۽ انصاف جون گهرجون بهتر طريقي سان پوريون ٿينديون.