73

جسٽس يحيٰ آفريدي جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منصور سان ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.

ذريعن موجب ٻنهي ججز جي ملاقات چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيمبر ۾ ٿي جنهن دوران چيف جسٽس جسٽس يحيٰ آفريدي کي مبارڪباد پڻ ڏني.

ذريعن ٻڌايو آهي ته جسٽس آفريدي ڪيسن جي ٻڌڻي کان پوءِ چيف جسٽس سان ٻئي ملاقات به ڪئي. ذريعن ٻڌايو ته جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس منصور علي شاهه جي چيمبر ۾ به ويو جتي نامزد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي جسٽس منصور علي شاهه جي چيمبر اسٽاف به مبارڪباد ڏني.

ذريعن  موجب عهدي تان هٽايل چيف جسٽس جي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس مان سينئر  ترين جج خطاب ڪندا آهن پر قاضي فائز عيسيٰ جي فل ڪورٽ ريفرنس مان جسٽس يحيٰ آفريدي خطاب ڪندو.

ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم کان پوءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي چيف جسٽس سان ايندڙ چيف جسٽس جي لاءِ 3 سينئر ترين ججز جا نالا گهريا هئا جن مان جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽر يحيٰ آفريدي جا نالا ڏنا ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں