97

کڏڙو ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگار رستن تي نڪري آيا، مين تي ڌرڻو

کڏڙو (رپوٽر) کڏڙو ۾ جمڙائو ڪئنال مان نڪرندڙ رند مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ ڄاڻائي ھڪ مھيني کان مائينر بند ڪرڻ خلاف سانگھڙ نوابشاھ مين روڊ تي جمڙائو موري  مٿان بچل ڀٽي، مير حسن خاصخيلي، محمود مري ۽ ٻين جي اڳواڻي۾  احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي  روڊ بلاڪ ڪيو ويو. جنھن سبب روڊ جي ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھي ويون، انھي موقعي تي آبادگارن آڏو دانھيندي چيو ته  ايريگيشن سب ڊويزن کڏڙو جي عملي  اسان جي مائينر کي ھڪ مھيني کان بند ڪري ڇڏيو، جڏھن ته گذريل رات ھڪ بااثر کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ھڪ ڪلاڪ پاڻي وھائڻ بعد ٻيھر بند ڪري ڇڏيو، ھنن مطالبو ڪيو ته رند مائينر ۾ پاڻي وھايو وڃي، اسان فصل ته پوکي نه سگھياسين پر چوپايو مال اڃ وگھي مري رھيو آھي، ٻئي طرف ايس ايڇ او کڏڙو عبدالرشيد بروھي پھچي  مظاھرو ڪندڙ آبادگارن سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں