98

آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو عمران خان لاءِ لکيل خط ملڪي معاملن ۾ مداخلت قرار، پاڪستاني اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن طرفان صدر جوبائيڊن کي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ لکيل خط جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي.

آمريڪي ڪانگريس جي 62 ميمبرن جي پاڪستان داخلي صورتحال ۾ مداخلت تي لکيل خط جي جواب ۾ خط لکندڙن ۾ طارق فضل چوڌري، نويد قمر، مصطفيٰ ڪمال، آسيه نياز تنولي، خالد مگسي ۽ ٻيا شامل آهن.

پارليامينٽ ميمبرن خط ۾ لکيو  ته اسان بحيثيت پارليامينٽريز ميمبر سمجهون ٿا ته وزيراعظم جي ذريعي ڪانگريس ميمبرن کي آگاهه ڪريون، پاڪستان جمهوري چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن کي انتهاپسندي جي سياست وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي.

خط ۾ لکيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن جي خلاف سياسي تشدد، ڏنڊ ۽ ڌمڪين کان متعارف ڪرايو. پي ٽي آءِ باني 9 مئي 2023 تي وڏي پيماني تي هنگامو ڪرايو، ڀڃ ڊاهه ڪئي، هن هجوم کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽيليويزن جي عمارت ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملي لاءِ ڀڙڪايو.

پارليامينٽ ميمبرن خط ۾ چيو ته پي ٽي آءِ انتشار جي سياست سان آگسٽ 2014 ۽ مئي 2022 ۾ به ملڪ کي مفلوج ڪيو هو. پي ٽي آءِ باني  جيل مان اسلام آباد،  لاهور ۾ انتشار، تشدد کي هوا ڏيڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رهيو آهي.

وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڊجيٽل دهشتگردي سان سوشل ميڊيا کي انتشار ۽ هوا ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو. عمران خان ڊجيٽل دهشتگردي ذريعي رياست کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪيو.

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي منفي مهم ۾ ڪردار آمريڪا، برطانيه ۾ رهندڙ باغي ميمبر ادا ڪري رهيا آهن. آمريڪا ۽ برطانيه جون رياستون پنهنجن شهرين جي خلاف غير معمولي قدم کڻڻ تي مجبور آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں