ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.
آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي ريمارڪس ڏنا ته آئين عدليه جو نه پارليامينٽ جو معاملو آهي، اوهان آئين جي آرٽيڪل 239 جو جائزو ورتو آهي؟
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو اختيار انهي ۾ ڪيترو آهي؟ اسان وٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار نه آهن. جيڪي اختيار هاءِ ڪورٽ وٽ آهن اهي ئي ڪري سگهون ٿا، ٻن فورمز ڪيئن عدليه جي آزادي متاثر ڪئي آهي.؟
جنهن کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل پاڪستان ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان 2 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته 22 آڪٽوبر تي 26هين آئيني ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به چيلينج ڪيو ويو هو.