112

وزيراعظم شهباز شريف جي قطري هم منصب سان ملاقات، مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري جي دعوت

دوحا: وزيراعظم شهباز شريف قطري هم منصب شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات ڪئي آهي.

دوحا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن، واپار ۽ سرمائيڪاري تي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته توانائي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ قطر جي تعاون جي تعريف ڪئي.

ملاقات جي دوران ٻنهي ملڪن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ۽ چيلنجز کي مننهن ڏيڻ لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم غزه تي موقف ۽ خطي ۾ امن واستحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ قطر جي ڪوششن جي به تعريف ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف قطر جي انساني همدردي جي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي، هن  ڳالهين جي سهولتڪاري ۽ علائقائي تڪرارن جي منصفاڻي حل لاءِ قطر جي ڪردار جي تعريف ڪئي.

قطري وزيراعظم خطي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو، قطري وزيراعظم افغانستان سميت خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي.

ٻنهي اڳواڻن ترقي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي وفد جا تبادلا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف قطري سرمائيڪارن کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سرمائيڪاري جي دعوت به ڏني. وزيراعظم شهباز شريف پرڏيهي  سرمائيڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت جي ارادن ۽  حڪمت عملي کان قطري وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں