43

لاهور: عدالت ۾ پيشي تي ويندڙن مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، پيءُ ٻن پٽن سميت مارجي ويو

لاهور: لاهور ۾ پيشي تي عدالت ڏانهن ويندڙ پيءُ ۽ ٻن پٽن کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو لاهور جي سگيان پل تي پيش آيو جتي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب پيءُ ۽ سندس 2 پٽ پيشي تي عدالت وڃي رهيا هئا ته مخالف سگيان پل تي کين فائرنگ جو نشانو بنايو.

پوليس موجب مقتولن جي مخالفن سان هلي رهي هئي، مقتولن جي سڃاڻپ صفدر، ياسر صفدر، ناصر صفدر جي نالن سان ٿي آهي. پوليس موجب مقتول رڪشي ۾ سوار ٿي عدالت وڃي رهيا هئا، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار موٽر سائيڪل تي سوار هئا، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں