158

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ صحافين خلاف ڏوهن جي خاتمي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد:  اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافين جي خلاف ڏوهن جي خاتمي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. صحافي جيڪو هر طبقي جي حقن جو آواز اٿاريندو آهي، معاشري جي اک ۽ ڪن سمجهيو ويندو آهي، صحافي انتهائي سخت ۽ خطرناڪ حالتن ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيندو آهي، تشدد برداشت ڪندو آهي، دشمنيون ڪري وٺندو آهي پر صحافين جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث اڪثر ڏوهاري قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندا ويندا آهن.

گڏيل قومن طرفان هر سال اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد عوام کي سچائي ٻڌائڻ  سبب قتل ٿيندڙ يا تڪليفون سهندڙ صحافين کي ياد ڪرڻ آهي. چوڻ تائين ته پاڪستان ۾ صحافين جي تحفظ جو قانون بڻجي چڪو آهي پر انهي جي باوجود صحافين جي خلاف ڏوهن جا انگ اکر ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌيڪ آهن.

پاڪستان اڄ به اهڙن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو صحافين جي لاءِ خطرناڪ ترين بڻجي ويو آهي. پاڪستان ۾ سال 2000 کان وٺي 2022 تائين 150 صحافين کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته صرف 2 جوابدارن کي سزائون ملي سگهيون. صحافين جي تحفظ تي ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيم فريڊم نيٽ ورڪ 2024 کي پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي لاءِ خطرناڪ ترين سال قرار ڏنو آهي. انهي سال دوران 6 صحافين کي قتل ڪيو ويو ۽ 11 تي قاتلاڻا حملا ٿيا.

تنظيم جي رپورٽ موجب وفاقي ۽ صوبائي سطح تي صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي جي باوجود حڪومتون اهڙن قانونن کي پوري طرح لاڳو ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيون جنهن جي ڪري صحافي پاڻ کي غير محفوظ سمجهندا آهن.

هڪ ٻئي رپورٽ موجب نومبر 2023 کان آگسٽ 2024 جي دوران صحافين جي خلاف 57 واقعا رڪارڊ ڪيا ويا انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 21 واقعا سنڌ، 13 پنجاب، 12 اسلام آباد، 7 خيبرپختونخواهه ۽ 2 واقعا بلوچستان ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں