اسلام آباد: اعليٰ عدليه ۾ ججز مقرري جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي معاملي ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني پارٽين جي جوڊيشل ڪميشن ۾ نامزدگي ڪري ڇڏي آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق به سپريم جوڊيشل ڪميشن کي خط لکي پارلياماني پارٽين جي جوڊيشل ڪميشن ۾ نامزدگي ڪري ڇڏي آهي.
جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ قومي اسيمبلي مان اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب ۽ مسلم ليگ(ن) جي شيخ آفتاب کي نامزد ڪيو ويو آهي، عورت جي سيٽ تي روشن خورشيد بروچه کي نامزد ڪيو ويو آهي. سينيٽ مان جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ سينيٽر فاروق نائيڪ ۽ سينيٽر شبلي فراز کي نامزد ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب 26هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن ۾ پنج پارليامينٽ ميمبرن کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ سموريون نامزدگيون جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري ڏانهن اماڻيون ويون آهن. پارليامينٽ مان اماڻيل نالن ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي برابر جي نمائندگي آهي.
قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب سموريون نامزدگيون سپريم ڪورٽ کي ملي ويون آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ سمورين پارلياماني پارٽين سان مشاورت کان پوءِ نالا اماڻيا ويا.