64

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ نواز شريف کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ٻن اڳوڻن وزيراعظمن کي طلب ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ باني ۽ نوازشريف کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ محمد نوازشريف جي درخواست تي ٻڌڻي 5 نومبر تي ٿيندي، نوازشريف طرفان درخواست ڏني  وئي هئي ته عادل بازئي 26هين آئيني ترميم ۾ پارٽي پاليسي جي تحت ووٽ نه وڌو.

اليڪشن ڪميشن ۾ عادل بازئي جي خلاف 63 اي جي تحت ريفرنس اماڻيو ويو هو جنهن تي هاڻ اليڪشن ڪميشن پارٽي سربراهه نوازشريف کي طلب ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں