51

پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو، آئيني ترميم به اتفاق راءِ سان پاس ٿي: طلال چوڌري

فيصل آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ماڻهن کي علاج جي سهوليت به ملي رهي آهي، اتان جا ماڻهو بدامني ۽ مختلف مسئلن جو شڪار آهن.

فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر طلال چوڌري خيبرپختونخواهه حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت عوام جي مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهي آهي، سرڪاري وسيلن کي وفاق تي حملي لاءِ استعمال ڪيو ويو. سينيٽر طلال چوڌري چيو ته پختونخواهه جا سرڪاري ملازم احتجاج جي لاءِ اسلام آباد آندا ويا، خيبرپختونخواهه جي حڪومت سرڪاري ملازمن کي هيرو بنائي پيش ڪري رهي آهي.

هن ڳالهين ۾ وڌيڪ چيو ته ڪي پي حڪومت حملو ڪندڙ ملازمن کي ترقي ڏئي رهي آهي، سيني تي گولي کائيندڙ سڀني کان پهريان پٺي ڏئي ڀڄي ويو.

(ن) ليگ اڳواڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو،  هنن سائفر جي سازش جو ڊرامو ڪيو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ باني ۽ اڳواڻن  سميت شرپندن بغاوت جي ڪوشش ڪئي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم اتفاق راءِ سان پاس ٿي آهي جنهن جي هنن مخالفت ڪئي پر حلف برداري ۾ فرنٽ لائن تي ويٺل هئا، پي ٽي آءِ ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي لاهور گروپ قابض آهي. سينيٽر طلال چوڌري  ڳالهين دوران پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ صوبي ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي، مريم نواز ٽريڪٽرز اسڪيم شروع ڪرڻ سان گڏ عورتن لاءِ به منصوبا شروع ڪيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں