45

انصاف ملي نٿو، وڪيل وقت ضايع ڪري رهيا آهن، هاڻ هن عدالت ۾ نه ايندس، بشريٰ بي بي عدالت ۾ روئي ڏنو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي عدالت جي ڪمري ۾ لڙڪ لاڙي ويٺي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ باني جي 6 ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف هڪ ڪيس جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي روسٽرم تي اچي چيو ته مان انصاف جي ڪرسي تي ويٺل منصنفن وٽ گذريل 9 مهينن کان ناانصافي جو شڪار آهيان، پي ٽي آءِ باني ۽ مون کي  ناانصافي ڪري سزا ڏني وئي.

هن چيو ته انصاف ته ملي ئي نٿو. مان هتي انصاف جي لاءِ نه آئي آهيان، منهنجو ڪمبل ۽ ٻيو سامان گاڏي ۾ موجود آهن اوهان جڏهن چوندو مان جيل روانو ٿي ويندس.

هن وڌيڪ چيو ته منهنجي وڪيلن سميت سمورا وڪيل صرف وقت ضايع ڪري رهيا آهن، جيڪو اندر انسان ويٺل آهي ڇا اهو انسان نه آهي، ڪنهن به جج کي نظر نٿو اچي. مان هاڻ هن عدالت ۾ نه ايندس، هتي صرف ناانصافيون ٿينديون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں