ميرپور ساڪرو) ميرپورساڪرو ۾ شديد ڌُنڌ سبب ٺٽو ڪراچي قومي شاهراھ تي گهارو ڀرسان واٽر پارڪ وٽ خوفناڪ روڊ حادثو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ڪُڪڙيون کڻي ويندڙ ٻن مزدائن سميت 6 گاڏين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪراچي واسي 5 پورهيتن جي فوت ٿيڻ ۽ 13 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب گھارو ڀرسان واٽر پارڪ وٽ شديد ڌُنڌ سبب ڇهن گاڏين ۾ خوفناڪ حادثو ٿي پيو جنهن ۾ 2 ڪڪڙين جو گاڏيو ھڪ سوزڪي ھڪ ڪار ۽ مختلف گاڏين جي حادثي سبب 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. گھارو شھر ويجهو هجڻ جي باوجود انتظاميا زخمين کي اسپتال پهچائڻ لاءِ ڪوبه انتظام نه ڪيو. ان ڪري زخمي ڪافي دير تائين روڍ تي تڙپندا رهيا، ريسڪيو ٽيمون توڙي انتظاميه غائب رهي.
مقامي ماڻھن ۽ روڍ تان گذرندڙ گاڏين زخمين کي گھارو اسپتال پھچايو ويو. فوتين ۾ شعيب .رحمان .۽ نديم جيڪي ڪراچي جا رهواسي ھئا ۽ ڪڪڙين جي گاڏي ۾ مزدوري ڪندا هئا. فوتين کي سندس مزدور ساٿي ڪراچي کڻائي ويا. جڏهن ته ٻين زخمين کي گھارو اسپتال مان فرسٽ ڏيڻ بعد ڪافي زخمين جي حالت سيريس ھجڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيا ويا.