49

پشاور ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج مهانگو پئجي ويو، ڪرڪ جا سمورا 800 پرائمري استاد معطل

پشاور: مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيل احتجاج استادن کي مهانگو پئجي ويو، ڪرڪ جي پرائمري اسڪول جي سمورن 800 استادن کي معطل ڪيو ويو آهي.

استاد گذريل 4 ڏينهن کان پشاور ۾ احتجاج جي دوران اسڪولن جي نجڪاري نه ڪرڻ ۽ اپ گريڊيشن جو مطائبو ڪري رهيا هئا، ڊي اي او استادن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ استادن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي ويندي، احتجاج جي لاءِ استاد جيتريون موڪلون ڪندا انهن جي پگهارن مان اوتري ئي ڪٽوتي ڪئي ويندي.

هن چيو ته  پوڻا 2 لک استادن جي اپ گريڊيشن گڏ ڪرڻ ممڪن نه آهي، استاد احتجاج ضرور ڪن پر اسڪولز ۾ ٻارن کي پڙهائڻ کان پوءِ احتجاج ڪري سگهن ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں