86

پوليس پاران ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شهرين کي سهڪار جي اپيل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پوليس ڪراچي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شهرين کي تعاون جي اپيل ڪري ڇڏي.ڪراچي جي اولڊ سٽي ايريا جي ايس ايڇ اوز علائقي جو گشت ڪيو ۽ ميگا فون تي اعلان ڪيو ۽ شهرين کي اپيل ڪئي ته ڪنهن به شڪي گاڏي، موٽرسائيڪل يا پارسل جي اطلاع تي پوليس کي ٻڌايو وڃي.ٻئي طرف ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي صدارت هيٺ سڪيورٽي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي پوليس چيف غلام نبي ميمڻ چيو ته ٽريفڪ پوليس اهلڪارن سان گڏ هڪ هڪ اهلڪار هٿياربند هوندو.ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس اهلڪارن کي بلٽ پروف جيڪٽ پائڻ جي هدايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں