62

اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ڪامياب آپريشن، 6 خوارج مارجي ويا

راولپنڊي: پاڪ افغان سرحد ڀرسان اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز  جي ڪامياب آپريشن دوران 6 خوارج دهشتگرد مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز ڪامياب آڦريشڻ ڪري 6 خوارجين کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. خوارج سيڪيورٽي فورسز تي  دهشتگردي جي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ خوارجين جي ڳولا  لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف سميت ٻين سياسي شخصيتن اتر وزيرستان ۾ خوارج جي خلاف آپريشڻ ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.

صدر  طرفان ڪامياب ڪارروائي ۾ 6 خوارجن جي مارجي وڃڻ  ۽ 6 جي زخمي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشه وارانه مهارت جي تعريف ڪئي. آصف علي زرداري دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگرد عناصرن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکندي.

وزيراعظم شهباز شريف به اتر وزيرستان ۾ خوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي تائين انهي جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتشار پکيڙيندڙ عناصرن جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به سپن وام ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ 6 خوارجي دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري به اتر وزيرستان ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني ۽ 6 خوارج جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. ڪامران ٽيسوري چيو ته مارجي ويل دهشتگردن ڪيترن ئي معصوم ماڻهن جون حياتيون کسيون اڄ انهن جو خاتمو ڪيو ويو. پوري قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز تي ناز آهي. حڪومت، سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم آخري دهشتگرد جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں