51

اسموگ سبب لاهور، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ملتان ۾ اڄ کان مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ٿينديون

لاهور:  وڌندڙ اسموگ کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي 4 ضلعن ۾ اڄ کان دوڪانون، مارڪيٽون رات 8 وڳي بند رهنديون. انهي حوالي سان حڪومت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ گوجرانوالا ۾ مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز بند ڪرڻ واري عدالتي فيصلي تي اڄ کان عمل شروع ڪيو ويندو. چئني ضلعن ۾ 17 نومبر تائين دوڪانون رات 9 وڳي بند رهنديون.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورين راندين سميت آئوٽ ڊور سرگرميون تي پابندي هوندي. ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پنجاب انوائرنمنٽل پروٽيفڪيشن ايڪٽ جي تحت ڪارروائي ٿيندي.

لاهور ۾ هوٽلن جي ڊائننگ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريز، پيٽرول پمپ ۽ ڪريانه اسٽور پابندي کان آجا هوندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں