81

گهر ويهي تنقيد ڪندڙن کي تحريڪ انصاف جو نٿو سمجهان، انهن جي ناراضگي اهميت نٿي رکي: علي امين گنڊاپور

پشاور:    خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيڪي گهر ۾ ويهي تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪري رهيا آهن مان انهن کي پي ٽي آءِ جو سمجهان ئي نٿو.

گذريل ڏينهن صوابي ۾ جلسي جي موقعي تي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان مقامي چينل جي صحافي سوال ڪيو ته ڪارڪن ناراض آهن، چون ٿا ته وڏو وزير اسان کي ڊي چوڪ تي ڇڏي فرار ٿي ويو! انهن جي ناراضگي کي ڪيئن ختم ڪندو؟ جنهن تي علي امين جواب ڏنو ته جن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو اهي پنهنجي گهرن ۾ ويٺل هئا اهي ڊي چوڪ تي موجود ئي نه هئا، پارٽي منهنجي آهي مون کي خبر آهي ته انهي ۾ ڪير ڪيتري اهميت رکي ٿو؟

صحافي جي ٻيهر سوال تي وڏي وزير چيو ته انهن جي ناراض ٿيڻ جي ڪابه اهميت نه آهي، اهي پاڻ نڪرندا نه آهن، گهر ويٺل هوندا آهن، گهر ويهي اهڙيون ڳالهيون ڪنديون آهن، جيڪي مون سان گڏ وڃڻ وارا هئا اهي هينئر به مون سان گڏ بيٺل آهن.

وڏي وزير چيو ته تنقيد ڪرڻ وارا گهرن ۾ ويٺل هئا، جيڪو تنقيد ڪري ٿو ته اهو پهريان پنهنجو وڊيو ته ڏيکاري ته اهي پاڻ ڪٿي هئا؟ پاڻ گهر ۾ آرامي هوندو آهي ۽ ٻين تي تنقيد ڪري رهيو آهي.

علي امين گنڊاپور چيو ته اهڙن ماڻهن جي مون کي پرواهه ناهي، نه ئي اهي ماڻهو تحريڪ انصاف جا آهن جيڪي گهرن ۾ ويهي تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪري رهيا آهن. مان انهن کي تحريڪ انصاف جو سمجهان ئي نٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں