49

ڪراچي ايئرپورٽ حملي ۾ ملوث 3 جوابدار مفرور آهن: ضياءُالحسن لنجار

ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ايئرپورٽ حملي ۾ ملوث 3 جوابدار مفرور آهن جن جي گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ڪراچي ايئرپورٽ تي چينين جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن چيو ته حملي ۾ 2 چيني انجنيئرز سميت 3 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا. حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي قبول ڪئي.

سنڌ جي گهرو وزير ٻڌايو ته آپگهاتي حملي آور جو نالو شاهه فهد هو، اسان کي خودڪش بمبار جو هٿ مليو هو جنهن جي فنگر پرنٽ سان سڃاڻپ ٿي، سي سي ٽي وي مان به آپگهاتي بمبار ۽ ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ٿي، واقعي واري هنڌان حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين جي چيسز جو ٽڪڙو به مليو.

هن چيو ته حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي شو روم مان 71 لک روپين ۾ خريد ڪئي وئي، رقم حب جي علائقي مان بينڪ ۾ ٽرانسفر ڪئي وئي هئي، فيصل علي جي بينڪ اڪائونٽ مان رقم منتقل ٿي، ايڪسائيز ڊيٽا مان خبر پئي آهي ته فرحان ۽ شريف گاڏي جي خريداري ۾ شامل هئا، آپگهاتي حملو ڪندڙ پاڻ به  گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ گڏ ويو هو.

ضياءُالحسن لنجار چيو ته آپگهاتي بمبار جا سهولتڪار سامهون اچي ويا آهن، دهشتگردن جي فنانسنگ ۾ بلال نالي بينڪ ملازم سميت 2 ڄڻا ملوث رهيا. هن چيو ته گاڏي حب کان اڳتي وئي هئي جتي انهي ۾ بارودي مواد فٽ ڪيو ويو، بارودي مواد ۾ آر ڊي ايڪس ۽ پينٽ نالي مواد شامل هو جنهن جو وزن 30 کان 40 ڪلو گرام هو. جرمني ۾ ٻئي عالمي جنگ دوران اهو بارودي مواد استعمال ٿيو.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن چيڪنگ کان بچڻ جي لاءِ عورت کي ڪار ۾ ويهاريو، گل نساءَ نالي عورت جي مدد سان دهشتگرد بارود سان ڀريل گاڏي شهر ۾ داخل ڪئي عورت کي به گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته حملي جو مُک جوابدار جاويد نالي شخص آهي. جيڪو سمورا معاملا ڏسندو رهيو. انهي ريڪي به ڪئي ۽ ايئرپورٽ تان چيني شهرين جي نڪرڻ جي اطلاع به هن فون تي ڏني، حملي  ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته  3 جوابدار دانش، گل رحمان ۽ بشير زيد مفرور آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں