50

توشه خانه 2 ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت وارين درخواستن تي فيصلو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد: توشه خانه 2 ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف  جي باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي بريت وارين درخواستن تي فيصلو نه ٿي سگهيو جڏهن ته اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت واري درخواست تي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف اڄ توشه خانه 2 بابت اسلام آباد جي مختلف عدالتن ۾ 2 ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي هئي. اسپيش: جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي غير موجودگي سبب پي ٽي آءِ باني ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي خلاف توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، بريت جي درخواستن تي فيصلو ملتوي ڪيو ويو.

اڊيالا جيل ۾ موجود عدالتي عملي ڪيس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت کي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو اڄ ٻڌائڻو هو.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں