راولپنڊي: جي يو آءِ(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪنهن به سياستدان کي قيد ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان، پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي ڪوششن ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه آهي.
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان خواجه آصف سان لنڊن ۾ پيش ايندڙ واقعي جي مذمت پڻ ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته برطانيه جي ذميواري آهي، خواجه آصف جي معاملي ۾ قانون موجب ڪارروائي ڪري.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان آمريڪا جي سياست ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون نه ئي انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ مداخلت جي اجازت ڏئي سگهون ٿا. آمريڪا ۾ ري پبلڪن جي حڪومت هجي يا ڊيمو ڪريٽس جي دنيا جي لاءِ انهن جي پاليسي هڪ آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته هميشه آئين ۽ جمهوريت جي حق تي راتاهو هنيو ويو. جمهوريت جي ڪمزوري ۾ سياستدانن جو وڏو ڪردار آهي. سياستدانن پنهنجي مفادن جي لاءِ جمهوريت تي سمجهوتو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به سياستدان کي قيد ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ منهنجو ڪوبه ڪردار نه آهي.