56

سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر يوسف لغاري ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص: ميرپورخاص هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو افتتاح سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل ۽ ميمبر پاڪستان بار ڪائونسل ماما يوسف لغاريءَ ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبرن شير محمد وساڻ، نند ڪمار گوڪلاڻي، ايڊيشنل اي جي سنڌ وڪيل مير نعيم ٽالپر، ھائي ڪورٽ بار جي صدر وڪيل علي حسن چانڊيو، جنرل سيڪريٽري عزيز لغاري سميت ڊسٽرڪٽ بار جي صدر مسعود لغاري ، وڪيل شوڪت راھمون، وڪيل سنتوش ڪلال سميت ٻين وڪيلن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر وڪيل يوسف لغاري چيو ته ملڪ جون حالتون انتهائي خراب آهن، ان جو هڪ وڏو ڪارڻ وڪيلن ۾ اتحاد جو نه هجڻ به آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون هڪ وڪيل جي منشيءَ جو پٽ آهيان، زندگي جي 55 سالن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ڪيس مفت ۾ وڙهيا آهن. هن چيو ته جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿيو ته غنويٰ ڀٽو کي پنهنجو ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيل نه پئي مليو ته آئون ان جو وڪيل ٿيس. ان کان سواءِ نذير عباسي معاملي ۾ ضياءُ خلاف ڪيس داخل ڪرايو. ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڪيس به مفت ۾ وڙهيو.

هن چيو ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ هاءِ ڪورٽ جي قيام لاءِ وڪيلن وڏي جدوجهد ڪئي جنهن سان هن ڊويزن جي سائلين کي تمام وڏو رليف مليو آهي. هن چيو ته وڪالت اهڙو  شعبو آهي جنهن وسيلي مسڪين ۽ غريبن کي انصاف فراهم ڪرائي سگهجي ٿو ۽ عوام جا بنيادي حق عدليه جي آزاديءَ سان ملندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں