36

آئيني بينچ 18 ڪيسن جي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي، 15 رد

اسلام آباد:   سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 18 ڪيسن تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي بي بنياد 15 ڪيس رد ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ٽن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس مسرت بلالي، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان آئيني بينچ جو حصو آهن. آئيني بينچ درخواستگذارن کي گڏيل طور تي 60 هزار روپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو.

آئيني بينچ پرڏيهي عورتن سان پاڪستان جي شادين تي پابندي جي درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 20 هزار روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اهڙين درخواستن جي اجازت ڏني ته پوءِ اها به درخواست اچي ويندي ته شادين کان روڪيو وڃي.

پي ڊي ايم  حڪومت واري دور ۾ قانونسازي جي خلاف درخواست به 20 هزار ڏنڊ لڳائڻ سان گڏ رد ڪئي وئي جڏهن ته پرڏيهي ملڪيتن جي خلاف ڪيس ۾ درخواستگذار کي 20 هزار روپيه ڏنڊ لڳايو ويو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته 60 هزار ڪيس اهڙن ئي ڪيسز جي سبب ٻڌڻي هيٺ آهن.

بينچ نارڪو ٽيڪس بابت ڪيس ۽ قاضي جان محمد مقرري خلاف درخواست به غير موثر هجڻ جي سبب اڪلائي ڇڏي. ڊي جي ملير ڊوالپمينٽ اٿارٽي محمد سهيل جي مقرري خلاف  ڪيس به اڪلايو ويو. سڄي ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ بابت هڪ جهڙي پاليسي متعارف ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٻڌندي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو پاليسي ميٽر آهي اسان مداخلت نٿا ڪري سگهون.

عارف علوي جي بطور صدر مقرري خلاف داخل درخواست تي آئيني بينچ درخواستگذار کي ٻيهر ٻڌڻي جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي عملي ٻڌايو ته درخواستگذار کي اماڻيل نوٽيس جي سروس نه ٿي سگهي، جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون درخواستون ڏنڊ سان گڏ رد ٿينديون  تڏهن ئي اڳيان اهڙيون درخواستون داخل نه ٿي سگهبيون. بينچ ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ريويو آف ججمنٽس اينڊ آرڊر نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اهو معاملو ته هاڻ غير موثر ٿي چڪو آهي.  ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان دليلن ۾ چيو ته پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيار تي عدالتي فيصلي ۾ آبزرويشن ڏني وئي آهي، پارليامينٽ جي اختيار تي اٿاريل سوال جي حد تائين نظرثاني چاهيون ٿا. جسٽس جمال خان مندوخيل مسڪرائيندي ريمارڪس ڏنا هاڻ ته اوهان آئين ۾ ترميم به ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي قانونسازي جي اختيار کي مڃي ورتو آهي.

آئيني بينچ چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ڪيس ۾ پارليامينٽ جي قانونسازي جي باري ۾ اصول طئي آهن. بينچ ڪيس غير موثر هجڻ سبب اڪلائي ڇڏيو.

آئيني بينچ مولوي اقبال حيدر جي 5 سالن تائين سپريم ڪورٽ داخلا تي پابندي جي خلاف درخواست به اڪلائي ڇڏي جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي پابندي جي حد ختم ٿي چڪي آهي، ٻڌايو اوهان پابندي ۾ واڌ جي ارادي سان ته نه آيا آهيو. مولوي اقبال حيدر جواب ڏنو ته نه منهنجو اهو ارادو نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں