42

آصف زرداري تي قتل جي سازش جو الزام: شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد آصف زرداري تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام لڳائڻ جي ڪيس ۾ شيخ رشيد جي بريت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سول جج ياسر محمود صدر آصف علي زرداري بابت الزامن تي شيخ رشيد خلاف داخل ڪيس ۾ بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شيخ رشيد احمد پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ وڪيلن دليل ڏنا ته شيخ رشيد احمد تي داخل ايف آءِ آر ۾ قانون کي فالو نه ڪيو ويو آهي.

وڪيلن شيخ رشيد احمد کي ڪيس مان بري ڪرڻ جي استدعا ڪئي ۽ شهباز گل ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته شيخ رشيد احمد تي ته پرائيويٽ شخص خلاف ڳالهين جو الزام آهي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي  فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ياد رهي ته اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد آصف زرداري تي عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام لڳايو هو جنهن تي 2 فيبروري تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو.

پ پ جي هڪ مقامي اڳواڻ راجا عنايت شيخ رشيد جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي. انهن جي مدعيت ۾ آبپاره ٿاڻي پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو هو، جنهن ۾ پاڪستان پينل ڪوڊ جي ڀڃڪڙي 120 بي، 153 اي ۽ 505 شامل ڪيا ويا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں