35

پنهنجا حق وٺڻ ٻيهر اسلام آباد وينداسين، حڪمت عملي جو هن وقت نٿو ٻڌائي سگهان: علي امين گنڊاپور

پشاور:  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان پنهنجو حق وٺڻ ٻيهر اسلام آباد وينداسين حڪمت عملي جو هن وقت نٿو ٻڌائي سگهان.

صوبائي راڄڌاني ۾ صحافين ۾ سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته پنهنجو حق وٺڻ جي لاءِ ٻيهر اسلام آباد وينداسين، هي ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، اسان عادي ٿي چڪا آهيون، آئين اسان کي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي.

هن چيو ته احتجاج جي لاءِ اسلام آباد وينداسين، احتجاج، جلسي جي لاءِ اسان جي تياري هر وقت مڪمل هوندي آهي، حڪمت عملي جو هن وقت نٿو ٻڌائي سگهان پر زبردست حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. پر امن احتجاج جو اسان کي حق آهي اسان پرامن احتجاج ڪندا آهيون پر اسان جو رستو روڪيو ويندو آهي.

علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي حڪومت اسان تي تشدد، رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪندي آهي، خندقون کوٽيندا آهن، هي جيڪڏهن ائين ڪندا آهن ته اسان به انهن شين جا عادي ٿي چڪا آهيون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته عدالت ۾ جيڪي شيون هلي رهيون انهي تي هن وقت نٿو ڳالهائي سگهان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں