28

آئيني بينچ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملازمت  واري مدي ۾  واڌ خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي.

رپورٽ موجب جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ خلاف درخواست محمود اختر نقوي داخل ڪئي هئي.

ياد رهي ته جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بينچ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت بلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تي ٻڌل آهي. آئيني بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. آئيني بينچ پيروي نه ڪرڻ تي درخواست کي رد ڪيو جڏهن ته رجسٽرار آفيس طرفان درخواست تي ٻڌڻي نه ٿيڻ جا اعتراض برقرار آهن.

گذريل هفتي سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾  واڌ ۽ آڊيو ليڪس ڪميشن جي جوڙجڪ سميت گڏيل طور تي  2 هزار کان وڌيڪ ڪيس هلندڙ هفتي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيا هئا. واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن جو ملازمت جو مدو 3 سالن مان وڌائي 5 سال جي حوالي ترميمي بل منظور ڪيو ويو هو.

جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي، سينيٽ مان آرمي چيف، ايئر چيف ۽ نيول چيف جو ملازمت جو مدو 3 مان 5 سال ڪرڻ جي حوالي سان منظور ٿيل بل تي وقتي صدر يوسف رضا گيلاني صحيحون ڪيون هيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں