45

حڪومت دهشتگردي ۽ مهانگائي کي ڇڏي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي: شبلي فراز

پشاور: سينيٽ ۾ مخائف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي ۽ مهانگائي کي ڇڏي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ  کان سياسي انتقام ورتو پيو وڃي. پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ هر شخص جي زندگي کي مشڪل بنايو ويو آهي، هي چاهين ٿا ته اسان سمورن معاملن تان پوئتي هٽي گهر ويهي رهون.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني گذريل سوا سال کان جيل ۾ آهي، عمران خان تي سمورا هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هڪ وقت هو جڏهن دهشتگرد جو ڪيس هلندو هو ته سڀ گهبرائجي ويندا هئا، پوري ملڪ ۾ هاڻ دهشتگردي جا ڪيس پي ٽي آءِ تي داخل ڪيا ويا آهن. هنن اصل دهشتگردن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ فرق ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

شبلي فراز چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ڪالهه بنون ۾ اسان جي پوليس جي جوانن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، هر ماڻهو تي اوهان 302 ڪيس داخل ڪيا آهن ته انهن جي اهميت ختم ٿي ويندي آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ملڪ انتهائي گهڻين پريشانين ۾ گهيريل آهي، وزيراعظم ڪابينه جي اجلاس ۾ معيشت جي حوالي سان جيڪا مرضي هوندي آهي چئي ڇڏيندو آهي، عام ماڻهو مهانگائي جي چڪي ۾ پيسيل آهي، هر ماڻهو نفسياتي مريض بڻجي چڪو آهي، حڪومت دهشتگردي، مهانگائي کي ڇڏي پي ٽي آءِ جي پٺيان لڳل آهي، اهو فڪر جوڳو لمحو آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي ۽ قانوني جنگ وڙهي رهي آهي. اسان جو مقابلو  سياست سان ڪيو وڃي، عوام  مان هنن کي هاڻ موٽ نه ملي رهي آهي. ٻن اڍائي سالن کان ظلم هلي رهيو آهي، اهڙي طرح هلندو رهيو ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو. هن وڌيڪ چيو ته هوش کان ڪم ورتو وڃي اهڙو ماحول ٺاهيو وڃي جنهن سان سياست به ٿئي ۽ احتجاج، پرامن احتجاج اسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي اوهان جي هڪ سياسي جدوجهد جي ايونٽ کي گڙبڙ وارو ماحول بنائي پيش ڪيو پيو وڃي، پرامن احتجاج جو حق هر سياسي پارٽي کي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں