اسلام آباد: حڪومت تحريڪ انصاف طرفان 24 نومبر تي اسلام آباد مارچ جي سڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
حڪومت پي ٽي آءِ جي احتجاج ۽ امڪاني ڌرڻي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، انهي سلسلي ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس 22 نومبر کان رينجرز ۽ ايف سي جا 9 هزار اهلڪار گهري ورتا آهن جڏهن ته پوليس اختيارين طرفان اينٽي رائٽس ڪٽس به طلب ڪيون ويون آهن.
اسلام آباد ۾ 2 مهينن جي لاءِ قلم 144 به لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت 5 يا انهي کان وڌيڪ ماڻهن جي سمورن عوامي اجتماعن، جلوسن، ريلين ۽ مظاهرن تي پابندي هوندي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ طرفان به اسلام آباد ۾ احتجاج جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پارٽي ذريعن جي دعويٰ آهي ته انهي سلسلي ۾ 10 هزار ڪارڪن اڳ ئي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پهچي چڪا آهن.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ پنهنجي باني کي جيل مان ڪڍڻ جو عهد ڪري ورتو آهي. اهو چيو پيو وڃي ته اوهان کي اسان جو مينڊيٽ واپس ڪرڻو پوندو. جڏهن ته مطالبا منظور نه ٿيڻ تائين واپس نه وڃڻ جا اعلان به ڪيا پيا وڃن. ياد رهي ته تحريڪ انصاف 24 نومبر تي فيصلو ڪندڙ احتجاج جي طور تي گادي واري شهر اسلام آباد طرف مارچ جو سڏ ڏنو آهي جڏهن ته پارٽي طرفان 26هين آئيني ترميم جي واپسي، گرفتار ڪارڪنن جي آزادي ۽ چونڊ مينڊيٽ جي واپسي جا مطالبا ڪيا ويا آهن.