27

24 نومبر تي اهو ئي ڪنداسين جيڪو هميشه دهشتگردن جي خلاف ڪندا آيا آهيون: عظميٰ بخاري

لاهور:   پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته 24 نومبر تي اسان اهوئي ڪنداسين جيڪو دهشتگردن جي خلاف ڪندا آهيون.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ وٽ پلان اي، بي ۽ سي آهي ته رياست وٽ پوري اي بي سي آهي. 24 نومبر تي اسان اهوئي ڪنداسين جيڪو هميشه دهشتگردن جي خلاف ڪندا آيا آهيون.

هن چيو ته علي امين گنڊاپور جيڪا ريلي اسلام آباد آندي انهي تي 81 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيا، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي فساد ڪرڻ جي لاءِ 4-4 لک روپيه ڏنا پيا وڃن.

عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته جعلي وڊيو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا سيل جا ماڻهو ملوث آهن، دعا آهي ته ڪيس ۾ جلد کان جلد انصاف ملي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں