38

سپريم ڪورٽ ڪوئٽه جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بلوچستان جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ۾ علي محمد جتڪ جي ڪوئٽه جي تڪ پي بي 45 جي 15 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عقيل عباسي وڪيل شهزاد شوڪت کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس ۾ الزام فارم 45 ۽ 47 ۾ تضاد جو آهي. فارم 45 ۽ فارم 47 جو فرق به ڏسي وٺو. رڪارڊ مان تضاد واضح نظر اچي رهيو آهي. حيران ڪندڙ جي طور تي فارم 45 بابت الزام ٻنهي طرفن کان آيا آهن.

جسٽس عرفان سعادت چيو ته وڪيل صاحب سنگين الزام آهن، سيل ٽٽل آهن، هڪ رات اڳ بيلٽ پيپر غائب ڪيا ويا، وڪيل دليل ڏنا ته فيصلي ۾ جج صاحب جيڪو چئي رهيو آهي انهي جي بنياد ڪابه نه آهي. جج صاحب هنن جي طرفان صرف چئن فارم جون فوٽو ڪاپيون لڳايون ويون آهن. جسٽس عقيل عباسي چيو ته هڪ به اچي وڃي ته ڪافي آهي. 16 گواهن بيان ڏنا آهن. سپريم ڪورٽ علي محمد جتڪ جي ٽربيونل جي فيصلي خلاف اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو.

ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ بلوچستان جي صوبائي سيٽ پي بي 21 حب ۾ ٻيهر ڳڻپ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيپلز پارٽي جي علي حسن زهري جي اپيل منظور ڪندي ٻيهر ڳڻپ بابت معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيندي هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن ٻيهر ڳڻپ جي درخواست کي نئين سري سان ٻڌي فيصلو ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں