27

پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي گهري ورتي

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) جي سربراهي گهري ورتي، جڏهن ته مسلم ليگ(ن) به پي اي سي جي سربراهي لاءِ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

رپورٽ موجب سينيٽر سليم مانڊوي والا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ميمبرن جي ريڪوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق طرفان اجلاس نه گهرائڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي پاڻ اجلاس گهرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پي اي سي جي 11 ميمبرن ريڪوزيشن جمع ڪرائي رکي آهي، جيستائين مستقل چيئرمين نٿو بڻجي ڪميٽي جا ميمبر پاڻ پنهنجو چيئرمين اليڪشن ذريعي چونڊ ڪندا.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي اي سي جي سربراهي لاءِ تحريڪ کان ٻيهر نالن جو پينل گهري ورتو. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر انهي معاملي تي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات به ڪئي. پاڪستان تحريڪ انصاف شيخ وقاص اڪرم کي ئي چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٺاهڻ تي بضد آهي.

ياد رهي ته پي ٽي آءِ پي اي بي جي چيئرمين جي نامزدگي لاءِ اندروني اختلافن جو شڪار آهي عمر ايوب جي سربراهي ۾ 19 رڪني ڪميٽي مان 9 شيخ وقاص کي ۽ 7 شير افضل مروت جي نالي جي حمايت ڪئي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) به پي اي سي جي سربراهي لاءِ پيپلز پارٽي جي حمايت جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته مارچ ۾ حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق 3 مهينن جي دير کان پوءِ پي اي سي سميت 40 قائمه ڪميٽيون جوڙيون هيون پر پارليامينٽ جي سڀني کان اهم ڪميٽي پي اي سي اڃان تائين پنهنجي چيئرمين جي چونڊ نه ڪري سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں