20

پي ٽي آءِ احتجاج: حڪومت ڪريڪ ڊائون لاءِ تيار، انٽرنيٽ ۽ موبائل بند، اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستا سيل

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄ ٿيندڙ احتجاج کي نظر ۾ رکندي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان جاڙن شهرن کي ملائيندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن، مختلف شهرن ۾ خندقون کوٽي شهر کان ٻاهر نڪرڻ جا رستا به بند ڪيا ويا آهن.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي حڪومت اسلام آباد جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. وفاقي راڄڌاني ڏانهن ويندڙ گهڻن رستن تي ڪنٽينرز بيهاريا ويا آهن. 26 نمبر چُنگي ڪنٽينر لڳائي مڪمل سيل ڪئي وئي آهي، اتي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سرينگر هاءِ وي به زيرو پوائنٽ جي هنڌ تي بند ڪيو ويو آهي.

ايڪسپريس وي به کهنه پل جي هنڌان ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو آهي. کهنه پل تي رکيل هڪ ڪنٽينر ۾ باهه لڳي وئي پر انهي جو سبب  معلوم نه ٿي سگهيو. ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستي تي به ڪنٽينرز لڳايا ويا آهن. جڏهن ته فيض آباد کان اسلام ويندڙ رستو به بند ڪيو ويو آهي.

اڊيالا جيل جي چوڌاري ويندڙ رستن کي به مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جيل  ڏانهن ويندڙ مرڪزي روڊ کي به هر طرح جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل روڊ تي جڳهه جڳهه تي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. جنهن سبب رهائشين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. انهي حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اڊيالا جيل طرف ڪنهن به مظاهري جي اجازت نه آهي.

راولپنڊي، اسلام آباد ميٽرو بس سروس به معطل آهي، جڏهن ته پمز کان باره کهو تائين گرين لائن سروس به بند ڪئي وئي آهي. انهي کان علاوه راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي سروس به متاثر آهي. انهي حوالي سان گهرو وزارت چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن وارن علائقن ۾ موبائل ڊيٽا، وائي فائي سروس بندش جو تعين ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں