91

ڪراچي ڌماڪي ۾ ملوث جوابدار بابت پوليس جا نوان انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن بابت وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا،ان حوالي سان صوبائي سڌ سماءَ واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب جي اڳواڻي ۾ سي ٽي ڊي پوليس اهلڪارن پريس ڪانفرنس ڪندي دهشتگرد گروپ بابت تفصيل جاري ڪيا، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس ۽ ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ خرم علي پڻ موجود هئا.مرتضيٰ وهاب چيو ته صدر ۾ 12 مئي تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث جوابدار الله ڏنو گذريل ڏينهن ماري پور ۾ سي ٽي ڊي ۽ انٽيليجنس آپريشن ۾ مارجي ويو هو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي به مارجي ويو هو.ان موقعي تي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي خرم علي ٻڌايو ته جوابدار الله ڏنو بم ٺاهڻ جو ماهر هو ۽ ٽريننگ به حاصل ڪئي هئي، الله ڏنو ريلوي لائين تي ڌماڪن جي اي آءِ ڊي به تيار ڪئي هئي، هو هڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪري سائيڪل کڻي آيو هو، موٽرسائيڪل ڪيترن ئي هنڌن تي پارڪ ڪئي پر هو پنهنجو ارادو بدلائيندو رهيو، جوابدار پنهنجي سائيڪل صدر ۾ هڪ جاءِ تي پارڪ ڪئي ۽ ويجھي هوٽل تي ويهي رهيو. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته جوابدارن ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو بليو لائيٽ جي مدد سان ڪيو، جيو فينسنگ ۾ الله ڏنو کي به نشانو بڻايو ويو.هن وڌيڪ چيو ته جوابدار گينگ جي سربراه اصغر شاهه کان هدايتون ورتيون هيون.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جو چوڻ هو ته جوابدار ۽ سندس ساٿين ان ڪم لاءِ 2 لک رپيا فنڊنگ حاصل ڪئي، جنهن جو ٽرانزيڪشن به هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هزارين ڌماڪا ٿي رهيا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں