82

مدرسن جي بل تي صحيح لاءِ مولانا فضل الرحمان حڪومت کي ڊيڊ لائن ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت مدرسن جي بل تي صحيح نه ڪئي ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين.

مولانا فضل الرحمان سان جي يو آءِ لاهور جي اڳواڻ حافظ بلال دراني خصوصي ملاقات ڪئي جنهن ۾ مدرسن جي بل تي حڪومت کي ڏنل ڊيڊ لائين تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ لاهور جي اڳواڻن کي خصوصي هدايتون ڏنيون، مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت 7 ڊسمبر تائين مدرسن جي بل تي صحيحون نه ڪيون ته 8 ڊسمبر تي پشاور ۾ ٿيندڙ ريلي ۾ اهم اعلان ڪندس.

هن چيو ته 8 ڊسمبر تي پنهنجي ٻئي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. حڪومت پارليامينٽ مان منظور ڪيل اسان جي بل تي صحيح نه ڪري رهي آهي، حڪومت پنهنجي مرضي جي قانون سازي ڪرائي ورتي، حڪومت ٻڌائي انهي اڃان تائين مدرسن جي بل جي پاس ڪيل قانون تي صحيحون ڇو نه ڪيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪمرانن مدرسن جي بل تي صحيحون نه ڪيون ته اسلام آباد جو رخ ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں