65

اڳوڻي صدر عارف علوي جي 3 ڪيسز ۾ 20 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي 3 ڪيسز ۾ 20 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

عدالت عارف علوي کي 50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم به ڏنو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پرامن احتجاج جي باوجود دهشتگردي ايڪٽ سميت سنگين قلمن جي تحت ميانوالي، ٽيڪسلا ۽ راولپنڊي ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا.

وڪيل چيو ته عارف علوي جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد سياسي دٻاءُ ۾ آڻڻ آهي، لاڳاپيل عدالتن سان رابطو ڪرڻ جي لاءِ 20 ڏينهن جي لاءِ حفاظتي ضمانت ڏني وڃي ته جيئن لاڳاپيل عدالتن سان رابطو ڪري سگهجي.

عدالت ضمانت منظور ڪندي چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جي لاءِ معاملو آئيني بينچ ڏانهن اماڻيو پيو وڃي، ڪيسن جي تفصيلن سميت ٻيا معاملا آئيني بينچ ڏسندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں