77

شيخوپوره ۾ سئوٽ جو آڱوٺو ڪٽي اي ٽي ايم مان 10 لک روپيه ڪڍرائيندڙ جوابدار گرفتار

شيخوپوره: شيخوپوره ۾ سئوٽ کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ان جو آڱوٺو ڪٽي اي ٽي ايم مان 10 لک روپيه ڪڍرائيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدار ساٿين جي مدد سان سئوٽ کي قتل ڪيو جنهن جي لاش ڪار مان هٿ آئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن مقتول کي قتل ڪرڻ کان اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي پئسا ڪڍرائڻ جي لاءِ مقتول جو آڱوٺو ڪٽيو ۽ 10 لک روپيه ڪڍرايا. پوليس موجب جوابدار لاش شاخ ۾ اڇلڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته کين گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب مقتول ياسين کي فيصل آباد مان گهرائي قتل ڪيو ويو. مقتول ياسين جي لاش کي ڪار جي ڊگي ۾ رکي شاخ ۾ اڇلائڻ لاءِ ويا ته پوليس کين گرفتار ڪري ورتو. مقتول والدين جو  اڪلوتو پٽ هو. پوليس مقتول جي ماءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں