ڪراچي:سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ عالمي سازش ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ لاشن جي سياست ڪري رهي آهي، اربين روپين کان لابنگ شروع ڪندڙ سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته چيلنجز جي باوجود حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهي آهي، شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ 10 هزار ماڻهن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ لاءِ منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ 21 لک بي گهر ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏئي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، جنهن ۾ اربين روپين جا 2 وڏا پراجيڪٽس شامل آهن. سنڌ جي اطلاعات واري وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي دشمني ڪنهن به اداري يا سياسي پارٽي سان نه آهي پر پي ٽي آءِ جو حدف صرف ڪپتان آهي. شرجيل ميمڻ الزام لڳايو ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ اربين روپيه لابنگ ذريعي ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته اسڪرپٽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي عالمي سازش جو حصو آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي دشمني پاڪستان سان آهي ۽ انهن جو مقصد صرف ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها پارٽي لاشن جي سياست ڪري رهي آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ ادارن کي تڪراري بنائڻ جي سموري ڪوشش ڪئي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي بيانن ۾ تضاد آهي.