لاهور: جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪا کي پاڪستاني ڪمپنين تي پابنديون لڳائڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي.
جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پاڪستاني ڪمپنين تي آمريڪي پابندين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي پاڪستاني ڪمپنين تي پابندين جو ڪوبه اختيار نه آهي. هن چيو ته آمريڪا پوري دنيا ۾ لکين انسانن جي قتل عام ۾ ملوث آهي.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان کي فلسطين ۾ اهم ادا ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته آمريڪا عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ به لکين ماڻهن کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.
ٻئي طرف پاڪستان به آمريڪي پابندين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد انهي جي خودمختاري جو دفاع آهي ۽ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام برقرار رکڻ آهي.
هن چيو ته نيون پابنديون سلامتي جي مقصد کان مٿانهيون آهن ۽ اهي پاليسيون خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ آهن. پرڏيهي وزارت چيو ته پاڪستان آمريڪي پابندين کي تعصباڻڻو قرار ڏئي ٿو.
ياد رهي ته آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر چيو هو ته بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۾ مدد جي الزام ۾ آمريڪا چئن پاڪستاني ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته اهڙن ادارن تي الزام آهي ته انهن پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي اڳيان وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
انهي ۾ خصوصي وهيڪل چيسز جي تياري به شامل آهي. جيڪا بيلسٽڪ ميزائل جي لانچنگ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اسلام آباد جي هڪ جڏهن ته ڪراچي جي ٽن ادارن تي پابندي لڳائي وئي آهي.