ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو. ڪراچي جي فيصل ايئربيس پهچڻ تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو.
وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. ذريعن جو انهي حوالي سان چوڻ آهي ته هڪ لک پوائنٽ اڳيان وڌڻ جي خوشي ۾ وزيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪري رهيو آهي.
انهي کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف سائوٿ ايشين پورٽ ٽرمينل جو به دورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف کي بندرگاهه تي فيس ليس اسسمنٽ سسٽم تي به بريفنگ ڏني ويندي.
وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب شهباز شريف ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام فيس ليس ڪسٽم اسسمنٽ سسٽم جو افتتاح ڪندو انهي نظام جو مقصد ڪسٽم ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي ٽائيم ۾ گهٽتتائي آڻڻ آهي.
وزيراعظم هائوس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ انهي خودڪار نظام کي لڳائڻ جي هدايت ڏني هئي. وزيراعظم شهباز شريف دوري دوران وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻيا وزير به شامل هوندا.