86

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ، ڪراچي ۾ هڪ ڪلو اٽو 100رپيا ملڻ لڳو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبي ۾ ڪڻڪ جي بحران سبب ڪراچي ۾ اٽي جو اگهه 100 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي.اٽي جي کوٽ سبب ڪراچي جي فلور ملز ۾ پيداواري عمل ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي وئي آهي، جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته ڪراچي ۾ اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي ويندو.ان حوالي سان پاڪستان فلور ملز ايسوسي ايشن جو هڪ هنگامي اجلاس چيئرمين حاجي محمد يوسف جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي 100 ڪلوگرام ٻوري جو اگهه 7200 رپيا ٿي ويو آهي، جنهن سبب 700 رپيا في ڪلوگرام ڪڻڪ جو اگهه وڌي ويو آهي. اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.صوبي ۾ ڪڻڪ جي بحران جو وڏو سبب خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري جو هدف حاصل نه ڪرڻ آهي، جڏهن ته ڪڻڪ جي فصل اچڻ تي ڪڻڪ جي خريداريءَ جو سلسلو جاري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں