44

خيبر ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم تي فائرنگ، پوليس اهلڪار شهيد، پوليو مهم روڪي وئي

پشاور: ضلعي خيبر ۾ دهشتگردن پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيم تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ  پوليس اهلڪار عبدالخالق شهيد ٿي ويو.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر راءِ مظهر اقبال موجب اڄ کان سموري ضلعي ۾ 7 ڏينهن جي لاءِ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي.

ڊي پي او موجب جمرود ٿاڻي جي علائقي بکر آباد ۾  دهشتگردن پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ حصو وٺندڙ ٽيم تي  اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ پوليو ٽيم کي سيڪيورٽي ڏيندڙ پوليس اهلڪار عبدالخالق ٿڏي تي شهيد ٿي ويو.

پوليو اختيارين موجب فائرنگ سبب پوليو کان بچاءُ واري ٽيم ۾ حصو وٺندڙ ٻيو عملو معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار حملي آور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واقعي واري هنڌان 30 بور جا 2 خول مليا آهن. ڊي پي او موجب واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪا بنديون ڪيون ويون آهن.

صحت کاتي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته بکر آباد علائقي ۾ پوليو کان بچاءُ واري ٽيم کي واپس گهرائي پوليو مهم کي ملتوي ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته سڄي ملڪ جيان خيبر ضلعي ۾ به اڄ کان 7 ڏينهن جي پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پوليو جون 945  ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جنهن ۾ 2 لک 8 هزار ٻارن کي ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں