47

سنڌ ڪابينا ايگريڪلچرل انڪم ٽيڪس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندو

ڪراچي:سنڌ ڪابينا ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينه جي  اجلاس ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل 2025 جي منظوري ڏني وئي. ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بل جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ايگريلڪچر انڪم ٽيڪس ۾ لائيو اسٽاڪ کي شامل نه ڪيو آهي. ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس بورڊ آف روينيو(بي او آر) جي بجاءِ سنڌ روينيو بورڊ(ايس بي آر) جمع ڪندي. قدرت آفتن جي صورت ۾ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس ۾ ايڊجسٽمينٽ ٿيندي.

هن چيو ته آباد ايراضي کي لڪائڻ جي صورت ۾ ڏنڊ لڳايو ويندو. ننڍين ڪمپنين تي زرعي ٽيڪس 20 سيڪڙو ۽ وڏين ڪمپنين تي 28 سيڪڙو لاڳو ٿيندو. 150 ملين روپيه زرعي آمدني حآصل ڪندڙ ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس مان آجا هوند.ا زرعي آمدني 150 ملين روپين کان 200 ملين روپين تائين هڪ سيڪڙو لاڳو ٿيندو. 200 ملين روپين کان 250 ملين روپين تائن زرعي آمدني تي 2 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو.

زرعي آمدني 250 ملين روپين کان 300 ملين روپين تائين 3 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو جڏهن ته 300 ملين روپين کان 350 ملين روپين تائين زرعي آمدني تي 4 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. زرعي آمدني 350 ملين روپين کان 400 ملين روپين تائين 6 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو. 400 ملين روپين کان 500 ملين روپين تائين زرعي آمدني تي 8 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو. زرعي آمدني 500 ملين روپين کان وڌيڪ تي 10 سيڪڙو ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لڳندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته زرعي آمدني 6 لک ساليانو تائين هجڻ تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو. 6 لک کان مٿي جي 12 لک تائين آمدني تي 15 سيڪڙو ٽيڪس هوندو جڏهن ته وڌيڪ آمدني وارن زميندارن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ٿيندڙ اجلاس ۾ سنڌ ڪابينه جي ميمبرن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ملڪي مفاد ۾ سنڌ ڪابينه زرعي ٽيڪس جي منظوري رهي آهي، وفاقي حڪومت سان ٻيهر ڳالهيون ڪندس.

سنڌ ڪابينه جو چوڻ هو ته ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لڳائڻ سان ڀاڄين جون قيمتون وڌي وينديون، جڏهن ته اسيمبلي ميمبرن انهي خدشي جو به اظهار ڪيو ته زرعي ٽيڪس لڳڻ سان ڪڻڪ ۽ ٻيون شيون به مهانگيون ٿي  وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں