49

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ريليون، سيمينار ۽ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن.

سڄي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ خصوصي تقريبون به منعقد ڪيون پيون وڃن. آزاد جمون، ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف خطاب ڪندو.

گذريل 78 سالن کان ڀارت جي ناجائز، غيرقانوني قبضي سبب والاريل ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ ۽ ڪشميرين کي انهن جو پيدائشي حق ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر گهٽي، هر شهر مان ڪشمير جي آزادي کي برقرار رکڻ جا آواز اڄ به بلند ٿيندا.

ڀارتي ظلم ۽ معصوم ڪشميرين جي آزادي جي لاءِ جلسا، جلوس ۽ ريلين ۾ ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جي رياست جي موقف کي اجاگر ڪيو ويندو. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي پاڪستان کان ٻاهر آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر ۽ آسٽريليا ۾ به مظلوم ۽ معصوم ڪشميري تي جاري ڀارتي ظلم قبضي ۽ وحشياڻي قدمن جي خلاف به حق جو آواز بلند ڪيو ويندو.

ياد رهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير تي حڪومت طرفان اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف والاريل ڪشمير ۾ پاڪستان سان اظهار جي آزادي جا پوسٽر لڳايا ويا آهن جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جون تصويرون لڳايون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں