ميونخ: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به رياست جي عملداري چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميونخ ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان اڳ به دهشتگردي کي شڪست ڏني ۽ هن وقت به دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين. هن چيو ته ڪنهن کي به رياست جي عملداري چيلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فوج، پارليامينٽ يا عدليه هجي اهي سمورا پاڪستان جا ئي ادارا آهن.
بلاول ڀٽو چيو ته سڀ چاهين ٿا ته ادارا مضبوط ۽ عوام خوشحال هجي. اجتماعي قدمن ۽ اتفاق راءِ سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. انهي کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ دنيا جي لاءِ نوان نوان چيلنجز سامهون اچي رهيا آهن.
هن چيو ته چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪانفرنسون ٿي رهيون آهن ۽ پي ٽي آءِ باني پنهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. جمهوريت کي بحال ڪرڻ ۾ نسلون تباهه گذري وينديون آهن. پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو پاڪستان عمران خان جي جيل ۾ هجڻ يا نه هجڻ جو ملڪي ترقي سان ڪوبه واسطو نه آهي. اڄ ملڪ جو نوجوان مايوس آهي ته انهي ۾ پي ٽي آءِ باني جو ڪردار آهي.