132

ڪراچي: 4 عورتن کي سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، پنجاب پوليس جي اڳوڻي اهلڪار ملوث نڪتي

ڪراچي: وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي اميگريشن سرڪل موجب ڪراچي مان 4 عورتن کي مبينه طور تي جبري مشقت جي لاءِ سعودي عرب اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بنائي چئني عورتن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

اختيارين ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي عمري جي آڙ ۾ عورتن جي سعودي عرب اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بنائي وئي. 4 عورتن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي اڏامن کان آف لوڊ ڪيو ويو. اهڙين عورتن ۾ شازيه بانو، ظميرا عظيم، لبنيٰ ۽ ثنا شهزادي عمري جون مسافر هيون. ظاهري طور تي متاثر عورتون عمري جي ويزائن تي سعودي عرب وڃي رهيون هيون.

شروعاتي جاچ موجب متاثر عورتن کي جبري مشفقت جي حوالي سان سعودي عرب اماڻيو ويو هو. متاثر عورتون انهي کان اڳ به سعودي عرب وڃي چڪيون هيون. اختيارين جو چوڻ آحي ته عورتن کي سعودي عرب اماڻڻ ۾ آسيه نالي عورت ملوث آهي جيڪا پنجاب پوليس جي اڳوڻي ملازم آهي.

اميگريشن ذريعن موجب آسيه ئي متاثر چئني عورتن جا سفري خرچ برداشت ڪيا، جڏهن ته سعودي عرب ۾ قيام ۽ خرچن جي سهولتڪاري وسيم گجر نالي ايجنٽ ڪري رهيو هو. متاثر عورتن کان ايجنسين جي حوالي سان ڄاڻ ورتي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں