سڪرنڊ: ) سڪرنڊ ۾ ڦر جي الزام ۾ گرفتار جوابدار محمد نواز زرداري پوليس جي حراست ۾ فوت ٿي ويو جنهن جو ڪيس پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
سڪرنڊ ۾ ڦر جي الزام ۾ گرفتار جوابدار پوليس جي حراست ۾ فوت ٿي ويو جنهن تي جيل کاتي سنڌ جي وزير علي حسن زرداري نوٽيس وٺي ڇڏيو.
گهرو وزير جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ سڪرنڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او، هيڊ محرر ۽ پوليس اهلڪار کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته ڪيس ۾ ڊي ايس پي، ايس ايڇ او سڪرنڊ، هيڊ محرر سميت 3 پوليس اهلڪارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ڊي ايس پي سڪرنڊ فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته ايس ايڇ او، هيڊ محرر ۽ هڪ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب جوابدار محمد نواز زرداري کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. جوابدار جي جسم تي استري سان ساڙڻ جا نشان ۽ ڏنڊن جي تشدد جا به نشان آهن. ايف آءِ آر فوتي جوابدار جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ داخل ڪئي وئي.