راولپنڊي: پشاور جي علائقي بڊهه بير ۾ پراڻي دشمني تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن.
پوليس موجب فائرنگ کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ مقرر ڪئي وئي آهي، بڊهه بير ۾ 5 ڄڻن جي قتل واري واقعي جو ڪيس بڊهه بير ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي مدفعي موجب مقتولن کي گاڏي ۾ فائرنگ جو نشانو بنايو ويو. پوليس موجب ڪيس ۾ امتياز، سرفراز، علي گوهر ۽ شعيب کي نامزد ڪيو ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، معاملي جي وڌيڪ جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ به پشاور جي علائقن پشتخره ۽ تهڪال ۾ ذاتي دشمني ۽ ملڪيت جي تڪرار تان فائرنگ جا واقعا پيش آيا هئا، ٻنهي واقعن ۾ 5-5 ڄڻا مارجي ويا هئا.