ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيل روڊ حادثن تي سنڌ ۽ پنجاب حڪومت آمهون سامهون ٿي وئي آهي.
سيوهڻ ۾ ٿيل حادثي تي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي بيان تي رد عمل ۾ سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته عظميٰ بخاري سيوهڻ حادثي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پنجاب جي اطلاعات واري وزير کي حقيقتن جي خبر ناهي، جنهن روڊ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي اهو نيشنل هاءِ وي آهي، اهو(ن) ليگ جي وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي جو اڃان تائين اهو روڊ مڪمل نه ڪري سگهي آهي، پنجاب جي وزير صاحبه جڏهن بيان ڏئي ٿي ته اهو به سوچي وٺي ته انهي جو جواب به ايندو.
ٻئي طرف عظميٰ بخاري شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو ته هنن کي آئينو ڏيکاريو ته ناراض ٿي ويا، صوبائيت جو ڪارڊ کيڏڻ اوهان جي پراڻي عادت آهي، سنڌ ۾ سمورا وڏا پروجيڪٽ وفاق جي مدد سان هلي رهيا آهن، مسلسل چڙ ڏياريندڙ بيان اوهان ۽ انهن جا ماڻهو ڏئي رهيا آهن.
عظميٰ بخاري چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ اڃان تائين جانور ٻڌل آهن، ٽرانسپورٽ جو روڄ پٽڪو سالن کان هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. پنهنجي حڪومت جي 16 سالن جي ڪارڪردگي ۽ مريم نواز جي هڪ سال جي ڪارڪردگي جو جڏهن دل چاهي معائنو ڪري وٺو. جيڪا پارٽي 16 سالن کان ڪراچي مان ڪچرو ناهي کڻائي سگهي اها اسان کي ليڪچر نه ڏئي جيڪڏهن اوهان کي ڪڏهن به صفائي ۽ خوبصورت روڊ ڏسڻ جو شوق ٿئي ته لاهور لازمي چڪر لڳائجو.